Noble Quran » Sindhi » Sorah Al-Fajr ( The Dawn )
Choose the reader
Sindhi
Sorah Al-Fajr ( The Dawn ) - Verses Number 30
أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ( 6 )
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
وَثَمُودَ الَّذِينَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ ( 9 )
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
فَأَمَّا الْإِنسَانُ إِذَا مَا ابْتَلَاهُ رَبُّهُ فَأَكْرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَكْرَمَنِ ( 15 )
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ ( 16 )
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
كَلَّا ۖ بَل لَّا تُكْرِمُونَ الْيَتِيمَ ( 17 )
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
وَلَا تَحَاضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ ( 18 )
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
كَلَّا إِذَا دُكَّتِ الْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا ( 21 )
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
وَجِيءَ يَوْمَئِذٍ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ وَأَنَّىٰ لَهُ الذِّكْرَىٰ ( 23 )
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
يَقُولُ يَا لَيْتَنِي قَدَّمْتُ لِحَيَاتِي ( 24 )
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُ أَحَدٌ ( 25 )
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
Random Books
- شفاعت جو بيان-
Formation : محمد اقبال ڪيلاني
Translators : سكندر عباسي
Source : http://www.islamhouse.com/p/193727
- نماز جا مسئلا-
Formation : محمد اقبال ڪيلاني
Reveiwers : صفي الرحمن مبارڪپوري
Translators : سكندر عباسي
Source : http://www.islamhouse.com/p/193729
- المنظار في بيان كثير من الأخطاء الشائعة-
Source : http://www.islamhouse.com/p/193719
- المنظار في بيان كثير من الأخطاء الشائعة-
Source : http://www.islamhouse.com/p/193719
- اعتقاد الأئمة الأربعةاما بعد! مون ”امام ابو حنيفه جي نظر ۾ دين جا اصول“ جي موضوع تي ڊاڪريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مفصل مقالو لکيو هو ۽ ان جي مقدمي ۾ ٻين ٽن امامن يعني مالڪ، شافعي ۽ احمد جي عقيدي جي تلخيص به شامل ڪري ڇڏي هئي. تنهن تي ڪن عالمن مون کان گهر ڪئي ته انهن ٽنهي امامن جي عقيدي جو ڌار ڌار ذڪر ڪريان، پر مون ائمه اربعه جي عقيدي جي ذڪر جي تڪميل جي پيشِ نظر اهو مناسب سمجهيو ته پنهنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ جيڪي ڪجهه مون بيان ڪيو آهي، ان سان گڏ هن بحث جي به تلخيص شامل ڪري ڇڏيان، جنهن ۾ مون توحيد، تقدير ۽ ايمان ۽ اصحابين جي باري ۾ امام ابوحنيفه جي عقيدي ۽ علم ڪلام جي باري ۾ سندس موقف کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. الله کان دعا آهي ته اهو هن عمل کي قبوليت جي سند عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ڪتاب ۽ پنهنجي رسول صلى الله عليه وسلم جي سنت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ الله هن قصد جي پٺيان آهي ۽ اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ بهترين ڪارساز آهي.
Source : http://www.islamhouse.com/p/193717